جيو فزڪس ارضي طبعات

جيو فزڪس/ ارضي طبعات (Geo Physics): زميني سائنسن جي مکيه ذيلي شعبن مان (Geophysics) هڪ اهم شاخ آهي. هيءَ شاخ ڌرتيءَ جي طبعي گڻن جي مقدار جي چڪاس ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. هن ذريعي حاصل ڪيل معلومات يا تفصيل ٽيڪٽاني پڙڇن جي چرپر، زمين جي اندرين جوڙ، ارضيات جي نقش وسيلي مهيا ڪيل وڌيڪ ڄاڻ ۽ تانگهن تيل جي ذخيرن جي بي ضرر چڪاس، اڀياس بابت ۽ سکيا لاءِ ڪم آڻڻ کانسواءِ ارضي طبيعات سان پيمائش ذريعي گڏ ڪيل انگن اکرن جي تجزيي مان ڳجهن پيرول جي ذخيرن ۽ معدني عنصرن، زير زمين پاڻيءَ ڳولهڻ، پوريل قديم نوادرات ٿانيڪي، برفاني ڇپن ۽ زمين جي ٿولهه معلوم ڪرڻ ۽ ماحول جو تدارڪ يا بٺو ڪرڻ جهڙن مسئلن جو حل به ڪڍي سگهجي ٿو. ٿورن لفظن ۾ ائين ته علم جيڪو زميني مسئلن جي اڀياس لاءِ ‘Physics’ يا طبيعات جا اصول ۽ طريقا استعمال ڪري، ان کي جيوفزڪس چئبو آهي.
(Geo Physics) بطور لفظ 1834ع ۾‘Geophysik’ صورتخطيءَ سان پهريائين (Frobel) استعمال ڪيو. هيءُ لفظ بطور اصطلاح سائنسي لکڻين ۾ 19هين صديءَ جي وچ ڌاري استعمال ٿيڻ لڳو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو